فاتح سندھ محمد بن قاسم

*فاتحِ سنڌ محمد بن قاسم* ✍️............ *ابو طلحہ سنڌي* ______________________ رمضان المبارڪ جي ڏھين تاريخ پوري ننڍي کنڊ خاص طور سنڌ جي مسلمانن لاءِ اھو برڪتن ڀريو ڏينھن آھي جنھن تي مجاھد اسلام غازي محمد بن قاسم سنڌ واسين کي راجا ڏاھر جھڙي ظالم ۽ جابر حڪمران کان نجات ڏياري ۽ کيس شڪست ڏيئي سنڌ سميت سموري ننڍي کنڊ جي تاريخ جو رُخ بدلائي ڇڏيو. سنڌ فتح ٿيڻ بعد تقريباً ٽن صدين تائين سنڌ تي عربن جي حڪومت جو زمانو ھڪ عظيم الشان دور رھيو آھي جنھن ۾ سنڌ جو اسلامي دنيا سان رشتو اھڙو تہ مضبوطي سان ڳنڍيل رھيو جو ھي علائقو اسلامي دنيا جو نمايان ۽ اھم ترين علائقو شمار ٿيڻ لڳو ۽ صدين تائين اسلام ۽ اسلامي تھذيب جو مرڪز بڻيل رھيو، ھن ڌرتي تي ھزارين اھڙن عالمن، ڏاھن، بزرگن ۽ صوفين جنم ورتو جن علم و فضل سبب عرب و عجم ۾ وڏو نانٔ ڪمايو ڪيترا ئي سنڌ جا عالم فاضل اسلامي دنيا جي اھم مرڪزن ۽ درسگاھن ۾ مسندِ تدريس تي فائز ٿيا. سنڌ جي اھا اھڙي تہ مڃيل حيثيت آھي جنھن کان انڪار نٿو ڪري سگھجي. انھيءَ پوري تاريخ دوران محمد بن قاسم جي شخصيت ھڪ ھيرو جي روپ ۾ اڀري سامھون اچي ٿي ڇاڪاڻ تہ سنڌ جو اھو ترقي يافتہ دور م...