فاتح سندھ محمد بن قاسم
*فاتحِ سنڌ محمد بن قاسم*
✍️............ *ابو طلحہ سنڌي*
______________________
رمضان المبارڪ جي ڏھين تاريخ پوري ننڍي کنڊ خاص طور سنڌ جي مسلمانن لاءِ اھو برڪتن ڀريو ڏينھن آھي جنھن تي مجاھد اسلام غازي محمد بن قاسم سنڌ واسين کي راجا ڏاھر جھڙي ظالم ۽ جابر حڪمران کان نجات ڏياري ۽ کيس شڪست ڏيئي سنڌ سميت سموري ننڍي کنڊ جي تاريخ جو رُخ بدلائي ڇڏيو.
سنڌ فتح ٿيڻ بعد تقريباً ٽن صدين تائين سنڌ تي عربن جي حڪومت جو زمانو ھڪ عظيم الشان دور رھيو آھي جنھن ۾ سنڌ جو اسلامي دنيا سان رشتو اھڙو تہ مضبوطي سان ڳنڍيل رھيو جو ھي علائقو اسلامي دنيا جو نمايان ۽ اھم ترين علائقو شمار ٿيڻ لڳو ۽ صدين تائين اسلام ۽ اسلامي تھذيب جو مرڪز بڻيل رھيو، ھن ڌرتي تي ھزارين اھڙن عالمن، ڏاھن، بزرگن ۽ صوفين جنم ورتو جن علم و فضل سبب عرب و عجم ۾ وڏو نانٔ ڪمايو ڪيترا ئي سنڌ جا عالم فاضل اسلامي دنيا جي اھم مرڪزن ۽ درسگاھن ۾ مسندِ تدريس تي فائز ٿيا. سنڌ جي اھا اھڙي تہ مڃيل حيثيت آھي جنھن کان انڪار نٿو ڪري سگھجي.
انھيءَ پوري تاريخ دوران محمد بن قاسم جي شخصيت ھڪ ھيرو جي روپ ۾ اڀري سامھون اچي ٿي ڇاڪاڻ تہ سنڌ جو اھو ترقي يافتہ دور محمد بن قاسم جي بدولت حاصل ٿيو. جيتوڻيڪ اسلام جو نور فتحِ سنڌ کان اڳ عرب تاجرن ذريعي سنڌ ۾ چمڪي چڪو ھو ۽ ڪجھ ماڻھو اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي چڪا ھئا ليڪن فتحِ سنڌ کان بعد باقاعده اسلام جي نشر و اشاعت ۽ تبليغ جو ڪم شروع ٿيو ۽ ان نور جون لاٽون سنڌ ذريعي ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن تائين بہ پکڙجي ويون انھي ئي سبب سنڌ کي *"باب الاسلام"* يعني اسلام جو دروازو جھڙي ڀلاري لقب سان سڏيو وڃي ٿو ۽ محمد بن قاسم کي ننڍي کنڊ بالخصوص سنڌ ۾ ھيرو جي روپ ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو ۽ ھتان جا مسلمان ھن بابت ھڪ جذباتي وابستگي رکن ٿا.
محمد بن قاسم جو تعلق عرب جي بنو ثقيف قبيلي سان ھو جنھن سبب کيس "الثقفي" چيو ويندو آھي سندس ولادت غالب امڪان طور 75 ھجري ۾ طائف جھڙي سرسبز علائقي ۾ ٿي *(محمد بن قاسم جي تاريخِ پيدائش جي باري ۾ تاريخي ڪتابن ۾ ڪافي تضاد آھي ھتي اختصار طور ھڪ قول نقل ڪيو ويو آھي)* سندس والده جو نالو حبيبة العظميٰ ۽ والد جو نالو قاسم ھو جيڪو بصري شھر جو گورنر ھو. سندس ننڍپڻ طائف ۽ بصري شھر ۾ گذريو جنھن جي ان دور ۾ علمي، ثقافتي ۽ فوجي حيثيت مشھور ھئي ۽ ان ئي ماحول ۽ حالتن ۾ پرورش حاصل ڪرڻ سبب محمد بن قاسم ھڪ لائق، طاقتور، مھذب و مدبر ۽ سپہ سالار جي حيثيت ۾ نروار ٿيو.
محمد بن قاسم انتھائي ھوشيار، بھادر ۽ غير معمولي صلاحيتون رکندڙ نوجوان ھو سنڌ جي فتح کان اڳ کيس ايران ۾ ھڪ خاص عھدو سونپيو ويو ھو. انکان بعد 90 ھجري ۾ ڪجھ ڪرد باغي قبيلن جي بغاوت جي پاڙ پٽڻ لاءِ کيس منتخب ڪيو ويو ڪُرد جھڙن طاقتور قبيلن جي بغاوت جو خاتمو آڻي ھن پنھنجي قابليت جو ثبوت ڏنو جنھن کان بعد ان جي ان صلاحيتن کي ڏسندي کيس فارس جو گورنر مقرر ڪيو ويو گورنري جو عھدو سنڀالڻ کان بعد ٿوري وقت ۾ ھن اتان جي ماڻھن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ بھترين حڪمت عملي تحت ترقياتي ڪم ڪرايا انھي علائقي ۾ محمد بن قاسم رٿابندي ڪري "شيراز" نالي سان ھڪ نئين شھر جو بنياد پڻ وڌو جيڪو فوجي ڇانوڻي سان گڏ ھڪ اھم ڪاروباري شھر جي حيثيت سان مشھور ٿيو جنھن سبب واپار ۾ اضافو ٿيو اقتصادي حالت ايتري تہ بھتر ٿي جو روينيو ۽ ٽيڪس جي رقم ٽن ڪروڙ درھمن تائين پھتي.
گورنري دوران ھن ٻيا ڪيترا ئي ويجھاڻي وارا علائقا فتح ڪيا سندس فوجي ڪاميابين کي ڏسندي کيس سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ سپہ سالار مقرر ڪيو ويو جاٿي راجا ڏاھر جي حڪمراني ھئي.
محمد بن قاسم نہ صرف بھترين سپہ سالار ھو پر ان سان گڏ ھڪ دورانديش مدبر پڻ ھو سندس ھر فوجي مھم ۽ ھر لڙائيءَ مڪمل منصوبہ بندي ۽ اڳواٽ رٿيل تدبير کانپوءِ عمل ۾ ايندي ھئي تنھن ڪري سنڌ تي ڪاھ ڪرڻ کان پھرين ھن پوري فوجي تياري ۽ مڪمل منصوبہ بندي ڪئي انکان بعد 92 ھجري جي آخر ۾ پوري فوجي سازو سامان سان لشڪر وٺي سنڌ ڏانھن روانو ٿيو.
سڀ کان پھرين ڪراچي ويجھو ديبل جي بندرگاھ جو گھراؤ ڪيو ويو اٺن ڏينھن تائين قلعي جو گھيراؤ ۽ جنگ جاري رھي بالآخر اٺن ڏينھن بعد اسلامي لشڪر اھو قلعو فتح ڪري ورتو ديبل جي فتح کان بعد محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۽ سيوستان (سيوھڻ) طرف وڌيو ۽ ننڍا وڏا قلعا فتح ڪرڻ بعد راوڙ قلعي ڏانھن پيش قدمي ڪئي جاٿي سنڌ جو حاڪم راجا ڏاھر موجود ھو ۽ ھو مقابلي لاءِ نڪتو ليڪن جلد ئي شڪست کائي جنگ جي ميدان ۾ اسلامي فوج ھٿان مارجي ويو اھا ڏھين رمضان المبارڪ جي تاريخ، خميس جو ڏينهن ۽ 93 ھجري سن ھو راجا ڏاھر جي مارجي وڃڻ بعد سنڌ مڪمل طور اسلامي رياست جو حصو بڻجي وئي. راجا ڏاھر کي شڪست ڏيڻ بعد محمد بن قاسم برھمڻ آباد ۽ اروڙ جا قلعا فتح ڪري ملتان جو صوبو بہ فتح ڪيو جنھن جون سرحدون ڪشمير تائين ڦھليل ھيون.
محمد بن قاسم صرف ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ اھي سمورا علائقا فتح ڪيا، ان دوران خليفو وليد بن عبدالملڪ فوت ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ تي سندس ڀاءُ سليمان بن عبدالملڪ تخت نشين ٿيو جيڪو وليد جي سخت مخالف ھو تخت نشين ٿيڻ بعد ھن خليفي وليد جي طرفان مقرر ڪيل ماڻھن کي عھدن تان ھٽائي سزائون ڏيڻ شروع ڪيون ھن محمد بن قاسم کي بہ نہ صرف برطرف ڪيو بلڪ گرفتار ڪري عراق آڻڻ جو حڪم ڏنو فاتح سنڌ محمد بن قاسم جي ھٿ ھيٺ چڱي مضبوط فوج ھئي جيڪڏھن ھو چاھي ھا تہ خليفي جي حڪمن کي ٿُڏي مزاحمت ڪري ھا ليڪن ھن ائين نہ ڪيو ۽ ٽڪراءُ بجاءِ ھن پنھنجي گرفتاري پيش ڪئي انھي اميد تي تہ ساڻس سٺو سلوڪ ڪيو ويندو ليڪن گرفتاري کان پوءِ کيس عراق ۾ نيو ويو جاٿي ھن کي قيد ۾ رکيو ويو ۽ سخت اذيتون ڏنيون ويون آخرڪار اتي قيد دوران کيس شھيد ڪيو ويو.
*انا للہ وانا اليہ راجعون*
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لکڻي موجب محمد بن قاسم جي موت جي صحيح تاريخ تہ نٿي ٻڌائي سگھجي ليڪن گھڻو ڪري سندس موت 715ع ۾ ٿيو.
محمد بن قاسم جي موت جي حوالي سان ٻيون بہ روايتون تاريخي ڪتابن ۾ ملن ٿيون جن ۾ فتح نامہ سنڌ المعروف چچ نامہ جي ڪچي کل ۾ ويڙھي صندوق ۾ بند ڪرڻ واري روايت بہ آھي جنھن کي قوم پرست بيان ڪري خوش ٿيندا آھن ليڪن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جيڪو سنڌ جي تاريخ، سنڌي ادب ۽ لطيفيات جو وڏي ۾ وڏو ڄاڻو ھو ۽ جنھن کي سنڌي ادب، سنڌ جي تاريخ ۽ لطيفيات تي اٿارٽي تسليم ڪيو وڃي ٿو ان چچ نامي جي ان روايت کي من گهڙت ۽ جڙتو افسانو قرار ڏنو آھي جيڪا گھڻو پوءِ قصي طور ايجاد ڪري فتحنامي ۾ شامل ڪئي وئي آھي. ڊاڪٽر صاحب چچ نامي جي آخر ۾ تاريخي حوالن سان ان روايت کي غلط ۽ من گھڙت ثابت بہ ڪيو آھي.
(ٽي ماھي رسالو "سنڌ سڪار" شمارو ٽيون)
تبصرے
ایک تبصرہ شائع کریں