شھيد ھوش محمد شیدی حصہ چہارم


شھيد ھوش محمد شیدی 

مرسوں مرسوں پر سندھ نہ ڈیسوں 

 حصہ چہارم


ھوش محمد اصل میں کھاں کے تھے اور اس کا خاندان کھاں پر ھے اس بارے میں تاریخ خاموش ہے بعض مصنفین کا کہنا ہے کہ ھوش محمد کی پیدائش اور میر صوبدار کا یوم پیدائش ایک ہی سال میں ہے۔اس حساب سے ھوش محمد کی پیدائش 1801ع میں ہے ۔ کچھ مصنفین نے ھوش محمد کا خاندان حیدرآباد میں بتایا ہے ۔  ھوش محمد شیدی ایک بہادر اور ذہین آدمی تھے جس کی تعریف نہ صرف اپنوں نے بلکہ دشمنوں نے بھی کی ھے ۔ جس میں سر ولیم نیپیئر جس نے اپنے بھائی سر چارلس نیپیئر کی جنگوں کے حالات اور فتوحات کو لکھا ہے اس نے ھوش محمد کی دل کھول کر تعریف کی ہے وہ لکھتے ہیں کہ اس بہادر شخص کی فن مہارت اتنی بہترین تھی جو کہ  ایک یورپی جرنیل کو ہی ججتی ہے وہ اپنے سپاہیوں کے ساتھ کھڑا رہا اور جنگ کے اندر سب سے آگے آگے رھے سر ولیم نیپیئر آگے لکھتے ہیں کہ میانی کی طرح دبئی میں بھی وہی ھوچی محمد آگے تھے ۔ اس اعلیٰ دل و دماغ کے مالک انسان نے دبے کی لڑائی میں 22 ریجمنٹ کی سنگینوں میں جان دی ۔ سر ولیم نیپیئر ان  کے نام سے پوری طرح واقف نہیں لگ رہے اس لیے اس نے یہاں پر اس کو ھوچی  لکھا ہے ۔ 

بہرحال ایک بات تو پکی ہے کہ شہید ھوش محمد اس سندھ دھرتی کے ھی رہنے والے تھے اور اس دھرتی سے بے انتہا محبت کرنے والے تھے اس لئے کہ آخر وقت میں موت کے وقت انسان کی زبان سے جو الفاظ نکلتے ہیں ایک تو وہ الفاظ اس کے اپنی مادری زبان کے ہوتے ہیں اور دوسرا یہ وہ الفاظ ہوتے ہیں جو اس کے دل کے اندر ہوتے ہیں اور اس کی محبت کی عکاسی کرتے ہیں اور شھید ھوش محمد کے الفاظ سندھ سے محبت کرنے والے تھے اور یہ ایسے الفاظ تھے جو دل سے نکلے اور آج بھی دلوں پر اثر کرتے ہیں  

مرسوں مرسوں پر سندھ نہ ڈیسوں

شھید ھوش محمد شيدی کی قبر پر کافی تنازعہ رہا  بعض محققین کے مطابق ھوش محمد حیدرآباد کے قلعے میں دفن ہے اور بعض مصنفین کے مطابق ھوش محمد کی قبر میدان جنگ میں ہے۔ آخر کار فیض محمد شیدی عرف ماما فیضو نے یہ کام اپنے ہاتھ میں لیا۔ اور ان کی سماجی تنظیم (شہید ھوش محمد شیدی ویلفیئر آرگنائزیشن) کے تحت سندھ کے ادیبوں اور معززین  کی ایک پانچ رکنی کمیٹی بنائی گئی ( جس میں ڈاکٹر در محمد پٹھان‘ پروانو بھٹی‘ سچی ڈنو قمبرانی‘ پیر بخش پٹھان‘ پروفیسر عبدالحمید سندھی) کافی تحقیق کرنے اور سیمینار کروانے کے بعد وہ بہت سے لوگوں سے ملے اور ابراھیم جویو صاحب کی مدد اور کافی سارے کتابوں کی چھان بین کر کے مسلسل 22 ماہ کی محنت کے  بعد اس نتیجے پر پہنچے کہ ھوش محمد میدان جنگ میں دفن ہے۔ یعنی حیدرآباد کے قریب کے گائوں گوٹھ جھنڈو ناریجا کے برابر والے گاؤں گوٹھ بڈھو سیال میں شھید ھو محمد شیدی  کی قبر ہے۔ یہ قبر پتھر سے بنی ہوئی تھی اور یہ قبر ٹیلے پر درختوں کے بیچ میں تھی۔

اس قبر پر پہلے ماما فیضو نے ایک چھوٹا سا کمرہ بنوایا، تھوڑے عرصے کے بعد اس نے ایک بڑا مقبرہ بنوایا اس کے بعد پیپلز پارٹی کے چیئرمین جناب بلال بھٹو زرداری نے ایک بڑا اور شاندار مقبرہ بنوایا ہے۔ کہا جاتا ہے کہ 'مقبرہ' کے ساتھ ایک لائبریری ، کمیونٹی ہال ، لان وغیرہ بھی منظور کیا گیا تھا، لیکن کسی وجہ سے اس پر ابھی تک کوئی کام نہیں ہو سکا۔






ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ  ــــــــــــــــ  ــــــــــــــــ ــــــــــــ




شهيد هوش محمد شيدي 

 مرسون مرسون پر سنڌھ نه ڏيسون

حصو نمبر 4........

ھوش محمد اصل ۾ ڪٿان جا ھئا ان جو خاندان ڪٿي آھي ان جو بچپن ۽ جواني ڪيئن گذري ان ۾ تاريخ خاموش آھي . ڪجھ ليکڪن ھوش محمد جي پيدائش مير صوبدار جي پيدائش واري سال  ئي لکي آھي ان حساب سان سندن پيدائش جي تاريخ 1801ع آھي  ھوش محمد شيدي ھڪ بھادر ۽ ذھين انسان ھئا سندن تعريف نه صرف پنھنجن بلڪہ دشمنن به ڪئي آ ـ جنهن ۾ سر وليم نيپيئر پنهنجي ڀاءُ سر چارلس نيپيئر جي جنگين جي حالتن ۽ فتوحات بابت لکيو آهي. جنھن ۾ ان هوش محمد جي وڏي تعريف ڪئي آ، لکي ٿو ته ھن بهادر ماڻهوءَ جي بهادري ايتري ته عظيم هئي جو ڪو يورپي جنرل ئي ان جو اندازو لڳائي سگهي ٿو ـ ھو ھميشہ پنهنجي سپاهين سان گڏ بيٺو ھو ۽ جنگ ۾ اڳڀرو رھيو سر وليم نيپئر وڌيڪ لکي ٿو ته مياڻيءَ وانگر ڌٻي ۾ به ساڳيو ئي هوچي محمد شيدي سڀ کان اڳتي اڳتي  هو. اهو اعليٰ دل ۽ دماغ وارو انسان 22هين رجمينٽ جي بٽالين ۾ ڌٻي جي لڙائي ۾ جان ڈنی. سر وليم نيپئر کي سندس نالو چڱيءَ طرح معلوم نه ٿو لڳي، ان ڪري هن هتي ھوچي محمد لکيو آهي. بهرحال هڪ ڳالهه ضرور آهي ته شهيد هوش محمد شيدي هن سنڌ ڌرتي جو ئي رهاڪو هو ۽ هن ڌرتيءَ سان ئي بيحد محبت ڪندڙ هو ڇاڪاڻ ته موت جي وقت انسان جي زبان مان جيڪي لفظ نڪرندا آهن، اهي ھڪ ته  سندس مادري زبان جا لفظ هوندا آهن ۽ ٻيو اھي الفاظ ھوندا آهن جيڪي ان جي دل ۾ ھوندا آهن ۽ شھيد ھوش محمد شيدي جا لفظ سنڌ ڌرتي سان محبت ڪرڻ وارا لفظ ھئا جيڪي شھيد جي دل مان نڪتا ۽ اڄ به  ماڻهن جي دلين تي اثر ڪن ٿا

مرسون  مرسون  پر سنڌ نه ڏيسون

شھيد ھوش محمد شيدي جي قبر ۾ به ڪافي اختلاف رھيو آھي  ڪن محققن جي چوڻ مطابق ھوش محمد حيدرآباد جي قلعي ۾ دفن آهن ۽ ڪن  ليکڪن جي مطابق ته ھوش محمد جي قبر ميدان جنگ ۾ ئي آهي ـ آخرڪار فيض محمد شيدي عرف ماما فيضو ان ڪم جو ٻيڙو کنيو ۽ سندن سماجي تنظيم ( شھيد ھوش محمد شيدي ويلفيئر آرگنائيزيشن) جي ماتحت اديبن ۽ سنڌ جي ڏاھن جي ھڪ پنج رڪني ڪميٽي جوڙي ـ (جنھن م ڊاڪٽر ڌر محمد پٺاڻ ' پروانو ڀٽي ' سچي ڏنو قمبراڻي ' پير بخش پٺاڻ  ' پروفيسر عبدالحميد سنڌي ھئا )  جن ڪافي تحقيق ڪري مخلتف سمينارز ڪرائي ڪافي سارن ماڻهن سان ملاقاتون ڪري ' ابرھيم جويو صاحب جي مدد ۽ ڪافي سارا ڪتاب اٿلائي مسلسل 22 مھينن جي محنت کان بعد ان نتيجي تي پھتا ته ھوش محمد ميدان جنگ ۾ ئي دفنايا ويا آھن يعني حيدرآباد ٻھراڙي يو سي ناريجاڻي لڳ ڳوٺ جھنڊو ناريجا  ٻڍو سيال ڳوٺ ۾ جيڪا قبر آ سا شھيد ھوش محمد شيدي جي آھي 

ھي قبر پٿر جي ٺيل ھئي جنهن جي چارون طرف ننڍڙا پيلر ٺھيل ھئا  ۽ ھي قبر ڀڏي تي وڻن جي وچ ۾ ھئي ـ ھن قبر تي سڀ کان پھرين ماما فيضو ھڪ ننڍڙو ڪمرو تعمير ڪرايو ڪجھ وقت کان بعد وري اھو ڪمرو ڍھرائي ھڪ وڏو مقبرو ماما فيضو ئي ٺھرايو جنهن کان بعد اڳتي ھلي وري پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين جناب بلال ڀٽو زرداري صاحب ھڪ وڏو ۽ عاليشان مقبرو تعمير ڪرايو آھي ـ چيو وڃي ٿو ته ان مقبري جي برابر ۾ لان ' لائيبرري ' ڪميونٽي ھال وغيره پڻ منظور ٿيل ھئا پر ڪن وجوھات جي ڪري اھو ڪم نه  ٿي سگھيو آھي ـ






ــــــــــ مرويسون مرويسون پر سنڌ نه  ڏيسون ـــــــــــ

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

فاتح سندھ محمد بن قاسم

شہید ہوش محمد شیدی . مرسوں مرسوں سندھ نہ ڈیسوں